عيسيٰ عليه السلام
عيسيٰ مسیح | |
---|---|
سسلي جي سيفالو ڪيٿيڊرل ۾ 1130 ۾ ٺاھيل عیسیٰ مسيح جي بازنظيني نموني جي موزائڪ واري تصوير | |
پيدائش | ت. 4 BC[lower-alpha 1] جوڊييا،رومن ڪيٿولڪ ايمپائر [5] |
وفات | ت. AD 30 / 33[lower-alpha 2] (aged 33–36) جيروسلم, جوڊيا (رومي صوبو)، رومن امپائر |
وفات جو ڪارڻ | صليب تي چاڙھيو ويو [lower-alpha 3] |
اباڻو ڳوٺ | نزرٿ, گيليلي[11] |
ماءُپيءُ |
Part of a series on |
حضرت عیسیٰ علیہ السلام (انگریزی: Jesus، عربي ٻولي: عيسى (ت. 4 – c. AD 30 / 33 ) جنھن کي جيزس آف نزاریٿ ۽ جيزس ڪرائسٽ بہ چوندا آهن، يھودين ۾ تبليغ ڪندڙ مذھبي اڳواڻ ھيو جنھن کي اسلام ۾ پيغمبر جو درجو ڏنل آهي. [12]
عيسائيت ۾ سندس مرڪزي حيثيت آھي. اڪثر عيسائين جو عقيدو آهي تہ خدا جو روپ ھيو ۽ پاڪ پٽ ھيو ۽ پراڻي عھد نامي ۾ جنھن مسيح جي اچڻ جي بشارت ھئي اھو عيسی ھيو. [13] [14]
حضرت عيسى اڄ کان لڳ ڀڳ 2000 سال اڳ فلسطين جي شهر بيتُ لحم ۾ پيدا ٿيا. سندس والده حضرت مريم گليلی صوبي جي ناصره شهر جي رهندڙ هئي. سندس مڱڻو يوسف نالي هڪ واڍي سان ٿيو، جيڪو يهوديه صوبي جي بيت لحم شهر مان اچي ناصره ۾ رهيو هو. فلسطين تي انهن ڏينهن ۾ روم سلطنت جي شهشاهه قيصر آگستس (63 ق.م- 14ع) جو قبضو هو. هن فلسطين کي ٽن صوبن گليل، يهوديه ۽ اتوريه ۾ ورهائي ڇڏيو هو. گليل جو صوبيدار هيروديس انطیپاس هو، يهوديه جو پانيطاس پيلاطوس ۽ اتوريه جو فلپس، جيڪو هيروديس جو ڀاءُ هو.
انهن ڏينهن ۾ ايئن ٿيو ته قيصر آگستس پاران يهودين جي آدمشماريءَ جو حڪم جاري ٿيو ۽ اعلان ڪيو ويو ته ماڻهو پنهنجن پنهنجن اباڻن شهرن ۾ وڃن ۽ نالو لکرائن. بس يوسف به حضرت مريم کي (جيڪا حامله هئي) وٺي، پنهنجي اباڻي شهر بيت لحم ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن هو شهر ۾ پهتو ته رات ٿي چڪي هئي ۽ کين رات گذارڻ لاءِ ڪٿي به جاءِ نه ملي، تنهنڪري هن هڪ سراءِ ٻاهران ديرو ڪيو. حضرت عيسى اتي پيدا ٿيو ۽ حضرت مريم کيس ڪپڙي ۾ ويڙهي جهوليءَ ۾ رکيو.[15] اٺن ڏينهن کان پوءِ حضرت عيسى جا والدين ٻارڙي کي کڻي يروشلم هليا ۽ موسوي شريعت موجب ولادت جون رسمون ادا ڪيون ۽ پوءِ ناصره موٽي آيا ۽ ”اهو ٻار وڌندو ۽ سگهارو ٿيندو ويو ۽ حڪمت سان ڀرپور ٿيندو ويو.“[15]
حضرت مسيح کي پنهنجن خيالن جي تبليغ لاءِ رڳو ٽن سالن جي وٿي ملي، پر ان ٿوري عرصي ۾ به فلسطين جا هزارين ماڻهو سندس مريد ٿي ويا ۽ يهودي پيشوائن کي اهو خطرو ٿي پيو ته جيڪڏهن هن نئين فتني کي منهن نه ڏنو ويو ته فلسطين جي صدوقين ۽ فريسين جي طبقاتي مفاد کي نقصان پهچندو، تنهنڪري حضرت مسيح تي مذهب ۽ رومي سلطنت سان بغاوت جو الزام هنيو ويو ۽ کيس صليب تي چاڙهيو ويو. حضرت مسيح جي تعليم کي سندس چئن شاگردن ــــــ متي، مرقس، لوقا ۽ يوحنا ـــــــ مرتب ڪيو آهي. اهي تصنيفون انجيل جي نئين عهدنامي جي نالي سان مشهور آهن. انجيل ۾ اسان کي پراڻي سوشلزم جو ڪو چِٽو تصور ڪو نه ٿو ملي. حضرت مسيح نه طبقاتي فرق جي مخالفت ڪري ٿو ۽ نه ئي زمين کي هارين ۾ ورهائڻ جي صلاح ڏئي ٿو ۽ نه برابريءَ جي تلقين ڪري ٿو. ان هوندي به سندس همدرديون محتاجن، غريبن ۽ مظلومن سان گڏ آهن ۽ پاڻ دولتمندن ۽ ڪاهن سردارن جي طبقن جو سخت مخالف هو. سندس روزاني زندگي به انهن جي فڪر جي شهادت ڏئي ٿي، تنهنڪري سندس ڏينهن ۽ راتيون غريبن ۾ گذرنديون هيون. پاڻ ۽ سندس شاگرد غريبن جهڙا ٿلها پراڻا ڪپڙا پائيندا هئا، غريبن جي جهوپڙين ۾ رهندا هئا ۽ انهن جهڙو کاڌو کائيندا هئا. دولت جي لالچ کين نه ٿيندي هئي ۽ شان شوڪت، عهدي، رتبي جي خواهش کين ڪڏهن به نه ستائيندي هئي. اهي صحيح معنى ۾ انسان دوست هئا ۽ انسانن جي خدمت ڪرڻ سندن حياتيءَ جو مسلڪ هو، تنهنڪري حضرت مسيح جي ٻارهن شاگردن مان هڪ، يعقوب، ان ڳالهه تي ڪاوڙ ظاهر ٿو ڪري ته دولتمند طبقو پورهيتن جو استعمال ڪري ٿو ۽ کين سندن حق کان محروم ڪري ٿو. ”اي دولتمندو! توهان پنهنجين مصيبتن تي، جيڪي توهان تي اچڻ واريون آهن، رؤ، پِٽيو، واويلا ڪيو. توهان جو مال خراب ٿي ويو ۽ توهان جي لباسن کي ڪينئان کائي ويا، توهان جي سونَ ۽ چانديءَ تي ڪَٽ چڙهي وئي ۽ اها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي ۽ باهه جيان توهان جو گوشت ڳاريندي... ڏسو، جن مزدورن توهان جا فصل لڻيا انهن جي اها مزدوري، جيڪا توهان دغا ڪري رکي ڇڏي آهي، رڙيون ڪري ٿي ۽ فصل لڻندڙن جون دانهون فوجن جي خدا جي ڪنن ۾ پهچي ويون آهن.“ حضرت مسيح جي وفات کان پوءِ به سندس شاگردن جي زندگي انهيءَ راهه تي هلندي رهي، پر پنهنجي انفراديت برقرار رکڻ لاءِ هنن پنهنجي حياتيءَ جي نموني کي سوشلسٽ انداز ۾ ڦيرائي ڇڏيو. هو گڏجي رهندا هئا، گڏجي کائيندا هئا ۽ پنهنجي سموري ملڪيت هنن گڏ ڪري ڇڏي هئي، تنهنڪري لوقا ”عملن جي ڪتاب“ ۾ لکي ٿو ته: ”۽ جن ايمان آندو هو اهي سڀ گڏجي رهندا هئا ۽ سڀني شين ۾ شريڪ هئا ۽ پنهنجي ملڪيت ۽ سامان وڪڻي هر هڪ ۾ ضرورت موجب ورهائي ڇڏيندا هئا.“[15]
قرآن مطابق عیسیٰ مسیح جو تصور
[سنواريو]حضرت عيسيٰ (Jesus Christ) جي حوالي سان مختلف مذهبن ۾ مختلف روايتون قائم آهن. اسلام مطابق هُو الله جو هڪ سچو نبي هو ۽ هُو مريم جي پيٽ مان بيت الحم ۾ پيدا ٿيو. مسلمان سمجھن ٿا ته الله يهودين جي اصلاح لاءِ موڪليو عيسيٰ (عيسا) کي نبي ڪري موڪيلو هو. عيسيٰ جا خاص 12 ساٿي يا مريد هئا، جيڪي حواري سڏائيندا هئا. هڪ مذهبي جشن جي موقعي تي هن جا حواري يروشلم ويا ان وقت رومي حڪومت فيصلو ڪيو ته هي باغي آهي، پوءِ کيس گرفتار ڪري رومي حاڪم پبلاطس جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کيس صليب تي چاڙهڻ جو حڪم ڏنو. مسلمانن جي پاڪ ڪتاب قرآن مطابق نه هن کي قتل ڪيو ويو هو ۽ نه ڦاسي ڏني ويئي بلڪه دشمنن کي شڪ ۾ وڌو ويو آهي. قرآن مقدس ۾ حضرت مسيح ۽ ان جي پوئلڳن جو ذڪر ڪيترائي ڀيرا آيو آهي، قرآن جي ان حصي جو اڀياس ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته حضرت مسيح ؑ جي زندگيءَ ۾ هڪ اهم خاص مثال ملي ٿو. ان مثال جو لاڳاپو تحريڪ سان آهي. اسلامي تحريڪ يا خدا پرستيءَ واري دعوت کي ڪهڙيءَ ريت هلايو وڃي ۽ مختلف عنصرن سان ڪهڙيءَ ريت مقابلو ڪجي. ان جو هڪ خاص نمونو حضرت مسيح ۽ ان جي پوئلڳن وٽ ملي ٿو. قرآن شريف ۾ مسلمانن کي خطاب ڪندي چيو ويو آهي ته:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُوۡنُوۡۤا اَنۡصَارَ اللّٰہِ کَمَا قَالَ عِیۡسَی ابۡنُ مَرۡیَمَ لِلۡحَوَارِیّٖنَ مَنۡ اَنۡصَارِیۡۤ اِلَی اللّٰہِ ؕ قَالَ الۡحَوَارِیُّوۡنَ نَحۡنُ اَنۡصَارُ اللّٰہِ فَاٰمَنَتۡ طَّآئِفَۃٌ مِّنۡۢ بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ وَ کَفَرَتۡ طَّآئِفَۃٌ ۚ فَاَیَّدۡنَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا عَلٰی عَدُوِّہِمۡ فَاَصۡبَحُوۡا ظٰہِرِیۡنَ
— (الصف: 16)، القرآن
ترجمو
— ”اي ايمان وارو! الله جي دين جا مددگار ٿيو. جيئن مريم جي پٽ عيسيٰ پنهنجي حوارين کي چيو ته الله جي رستي ۾ منهنجا مددگار ڪير آهن؟ انهن حوارين چيو ته اسين الله (جي دين) جا مددگار آهيون. پوءِ بني اسرائيلن مان هڪ جماعت ايمان آندو ۽ هڪ جماعت ڪافر ٿي، پوءِ اسان ايمان وارن کي سندن دشمنن تي طاقت ڏني، پوءِ اهي غالب ٿيا.“
قرآن جي هن آيت سڳوريءَ ۾ فَاَیَّدۡنَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا عَلٰی عَدُوِّہِمۡ ۔ جا لفظ تمام گهڻي ڌيان ۽ غور جي قابل آهن.
هن آيت ۾ قوت (Strength) مان ڪهڙو مطلب آهي. ۽ دشمنن تي غلبو حاصل ڪرڻ جو مطلب ڇا آهي. اهو نهايت اهم سوال آهي. مسيحيت کي پنهنجي شروعاتي دور ۾ فلسطين جي يهودين طرفان سخت قسم جي دشمنيِءَ سان واسطو آيو، ايتري قدر جو اهي حضرت مسيح ؑ کي قتل ڪرڻ جي ڪڍ پئجي ويا. تاريخ ۾ ان جو ڪو ثبوت ناهي ته حضرت مسيح ؑ جي پوئلڳن انهن جي مقابلي ۾ جنگي هٿيار استعمال ڪيا هجن ۽ انهن جي ذريعي هنن پنهنجي دشمنن تي سوڀ ماڻي ورتي هجي. اهڙيءَ حالت ۾ آخر اها ڪهڙي قوت هئي، جيڪا انهن جي لاءِ پنهنجي دشمنن جي مٿان فتح ۽ غلبي جو سبب بڻجي.
ان جو جواب قرآن ۾ اهو ملي ٿو ته الله تعاليٰ مسيح ؑ جي پيروي ڪندڙن منجهه خاص طور تي هڪ اخلاقي ۽ روحاني صفت پيدا ڪري ڇڏي، جيڪا مادي هٿيارن کان سواءِ جنگ کٽڻ جي صلاحيت رکندي هئي. قرآن مجيد حضرت مسيح ؑ ۽ سندس ساٿين جو ذڪر ڪندي بيان ڪيو آهي ته:
وَ جَعَلۡنَا فِیۡ قُلُوۡبِ الَّذِیۡنَ اتَّبَعُوۡہُ رَاۡفَۃً وَّ رَحۡمَۃً ؕ ”۽ جن سندن تابعداري ڪئي، تن جي دلين ۾ اسان نرمي ۽ مهرباني رکي.“
— (الحديد:27)، القرآن
انهيءَ آيت سڳوريءَ ۾ مسيحءَ جي پوئلڳن جي لاءِ جنهن مهر، ٻاجهه ۽ رحمت جو ذڪر آهي، اهو پيرويءَ کان پوءِ جو واقعو آهي. نڪي پيرويءَ کان اڳ جو. يعني ان جو مطلب اهو ناهي ته، ماڻهو پهريان کان ئي مهرباني ۽ رحمت ساڻ ڪري پيدا ٿيا هئا، بلڪه ان جو مطلب هيءُ آهي ته حضرت مسيحءَ جي ذريعي انهن کي جيڪو دين سيکاريو ويو هو. ان، منجهن اهو جذبو پيدا ڪيو. ٻين لفظن ۾ هيءُ ته فلسطين ۾ جڏهن کين يهودين جي دشمنيءَ وارين ڪاررواين جو معاملو آڏو آيو ته، ان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ انهن کي ٽڪراءُ جي تعليم ڏيڻ بدران اها تعليم ڏني وئي ته ٻاجهه، مهرباني ۽ رحمت سان ان جو مقابلو ڪريو. اها ئي ڳالهه خود انجيل مان به معلوم ٿئي ٿي. (لوقا ـ باب: 6)
ان تي ويچارڻ سان ڄاڻ پوي ٿي ته حضرت مسيحءَ جي پوئلڳن کي جيڪا طاقت ڏني وئي، اها مهرباني ۽ رحمت جي طاقت هئي، انهيءَ امن واري هٿيار جي ذريعي اهي پنهنجي دشمنن تي اهڙيءَ ريت غالب ٿيا جو، جيڪي ماڻهو اڳ سندن دشمن هئا، اهي دوست بڻجي، سندن صف ۾ شامل ٿي ويا. اهڙيءَ ريت انهن جي عددي قوت ايتري وڌي وئي جو، خود اها ئي عددي اڳڀرائي انهن جو غلبي جي ذريعو بڻجي وئي.
ان سلسلي ۾ حضرت مسيح ؑ پنهنجي پوئلڳن کي جيڪا تعليم ڏني هئي، اها انجيل پاڪ ۾ تفصيل سان موجود آهي. ان جا ڪجهه حصا هتي نقل ڪجن ٿا. مان توهان کي چوان ٿو ته پنهنجي دشمنن سان محبت رکو. جيڪي توهان سان دشمني رکن، انهن جو ڀلو ڪريو. جيڪي توهان تي ڦٽڪار ڪن، انهن جي لاءِ برڪت گهرو. جيڪي توهان جي تذليل ڪن، انهن جي لاءِ دعا گهرو. جيڪي توهان جي هڪ ڳل تي چماٽ هڻن ته اوهان ٻيو ڳل به انهن ڏانهن ڦيريو ۽ جيڪي توهان جو لباس لٽن، انهن کي قميص کڻڻ کان به نه روڪيو. (لوقا ـ باب: 6)
يهودين فريسين يسوعءَ کان پڇيو ته ڇا قيصر کي جزيو ڏيڻ گهرجي يا نه. يسوع ؑ جواب ڏنو ته جيڪو قيصر جو آهي، قيصر کي ۽ جيڪو خدا جو آهي، اهو خدا کي ادا ڪريو. (متي ـ باب : 22)
اسان کي خبر آهي ته حضرت مسيح ۽ سندس پيروڪارن کي فلسطين ۾ پهرين ڏينهن کان ئي سخت مخالفت ۽ دشمنيءَ سان منهن ڏيڻو پيو. انهن جا اهي دشمن، يهودي هئا، جيڪي ان وقت ان علائقي ۾ سگهاري حيثيت رکندڙ هئا. انهن پنهنجي ان دشمنيءَ وارين ڪاررواين ۾ اتان جي رومي حڪمرانن کي به پنهنجو طرفدار بڻائي ورتو. جنهن جي نتيجي ۾ حضرت مسيح ۽ سندس پيروڪارن جي لاءِ اتي تمام گهڻو اڻوڻندڙ ماحول جڙي پيو.
هاڻ هڪ حل اهو هو ته حضرت مسيحءَ جا پيروڪار نفرت، تشدد ۽ ٽڪراءَ جي رستي تي هلن. اهي شهادت جون جذباتي تقريرون ڪري مسيحن کي وڙهڻ ۽ مرڻ جي لاءِ راضي ڪن، پر ان سخت ماحول ۾ به حضرت مسيح ؑ انهن کي محبت جو پيغام ڏنو. هن چيو ته توهان پنهنجي دشمنن سان نفرت نه ڪيو بلڪي ساڻن محبت وارو سلوڪ ڪيو.
”دشمن سان محبت ڪيو.“ جو مطلب اهو آهي ته توهان دشمن جا خير گهرندڙ ٿيو. دعوت جو بنياد اهائي خيرخواهي آهي. دعوت سچ پچ ته انساني محبت جو اظهار آهي. حضرت مسيح جڏهن دشمن سان محبت ڪرڻ تي زور ڀريو ته، ان جو مطلب هيءُ هو ته توهان ماڻهو سڀني انسانن سان خيرخواهي ڪريو. ايتري قدر جو پنهنجي دشمنن سان به. توهان هر ماڻهو جي هدايت جا طلبگار بڻجو. چاهي اهو توهان جو سڄڻ هجي يا مخالف. چاهي اهو توهان جي آوڏو هجي يا توهان کان پري.
حضرت مسيح جو اهو چوڻ ته: ”جيڪو قيصر جو آهي، قيصر کي ڏيو ۽ جيڪو خدا جو آهي، خدا کي ڏيو.“ ان جو مطلب هيءُ هو ته وقت جي حڪمران سان سياسي ٽڪراءُ ڪرڻ کان پاسو ڪيو، ائين نه ٿئي جو توهان جو سڄو وقت ناڪاري ٽڪراءَ ۾ گذري وڃي ۽ غير سياسي ميدان ۾ هاڪاري جدوجهد جا جيڪي امڪان آهن، اهي استعمال ٿيڻ کان رهجي نه وڃن. اهڙيءَ ريت حضرت مسيح ؑ جو اهو چوڻ هو ته، ”جيڪو توهان کان ڪرتو گهري، اوهان ان کي پنهنجو جبو به ڏئي ڇڏيو.“ اها به ڪا بزدليءَ جي تعليم نه هئي. ان جو مطلب هي هو ته ڪنهن سان ڪو جهيڙو ٿي پئي ته، ان کي جلدي ختم ڪريو. پوءِ اهو هڪ طرفي سمجهوتي (Unilateral Adjustment) جي ذريعي ئي ڇو نه هجي. ان پاليسيءَ کي ٿورن لفظن ۾ هن ريت چئي سگهجي ٿو ته مسئلن کان بچو ۽ موقعن کي استعمال ڪريو. ان پاليسيءَ تحت حضرت مسيح ؑ پنهنجي ساٿين کي هجرت جو مشورو ڏنو. يعني اهي ماڻهو فلسطين کان نڪري، ڀرپاسي جي علائقن ڏانهن هليا وڃن ۽ اتي امن ۽ سلامتيءَ سان رهي، ماڻهن جي خدمت ڪن.
ان واقعي جو ذڪر انجيل ۾ هن ريت آيو آهي:
مسيح جا يارهن شاگرد گليل جي ان جبل تي ويا، جيڪو يسوع سندن لاءِ مقرر ڪيو هو. يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهيون ڪيون ۽ چيو ته توهان وڃي سڀني قومن کي شاگرد بڻايو ۽ کين تعليم ڏيو ته انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن، جن جو مون توهان کي حڪم ڏنو آهي. (متي ـ باب 28)
حضرت مسيح جي هدايت مطابق انهن جو طريقو هي هو ته سياسي حڪومت سان ڪنهن قسم جو ڪو مهاڏو نه اٽڪائين. جيڪڏهن ڪنهن سان ڪو تڪرار ٿي پوي ته ان کي هڪدم هڪ طرفو ٿي ڪري حل ڪن. اهي ماڻهن سان محبت ۽ خير خواهي واري هلت هلن. ان جو نتيجو هي نڪتو جو مسيحيت تيزيءَ سان ماڻهن ۾ پکڙجڻ لڳي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ٿوري وقت ۾ مسيحيت مختلف ملڪن ۾ پکڙجي وئي. مثال طور: روم، يونان، شام، مصر، سوڊان، حبش، اتر آفريڪا، جارجيا، آرمينيا، مالابار ڪوسٽ وغيره. حضرت مسيح کان پوءِ شروعاتي پنجن صدين ۾ مسيحيت جهڙيءَ ريت دنيا جي مختلف حصن ۾ پکڙي، ان جو تفصيل هيٺ ڏنل ڪتابن ۾ ڏسي سگهجي ٿو:
- (Harnack: Mission and Expansion of Christianity in the first Three Countries (1902
- (Kenneth Scott Latourette: History of the Expansion of Christianity (1945
ٻه هزار سال اڳ حضرت مسيح جي صليب تي چڙهڻ کان پوءِ مسيحيت لڳاتار پکڙجندي رهي. حضرت مسيحءَ جي تعليم جي مطابق، سندن پوئلڳن جي آڏو رڳو ٻه نڪاتي پروگرام هو. هڪ محبت ۽ ٻيو دعوت. هڪ طرف محبت ۽ امن واري دعوت جي انهيءَ اصول کي گڏ کڻي اهي وڌندا رهيا، ايتريقدر جو اهي يورپ تائين پهتا. ان وقت يورپ جي گهڻي حصي تي. رومي بادشاهت جي سياسي حڪومت هئي. شروعات ۾ انهن کي رومي بادشاهت پاران سخت تڪليفن (Persecution) سان منهن ڏيڻو پيو. پر اهي ٽڪراءُ کان پري رهندي، پنهنجو مشنري ڪم پر امن طور تي ڪندا رهيا. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو 337ع ۾ خود رومي حڪمران ڪانسٽنٽين پهرين (Constantine-1) مسيحيت کي قبول ڪيو. هيءُ الناس علی دین ملوکھم۔ يعني ”ماڻهو پنهنجي بادشاهه جي دين تي هلن ٿا“ جو زمانو هو. ان ڪري ٿوري ئي وقت ۾ يورپ جي گهڻي آباديءَ مسيحيت کي قبول ڪيو. رومي بادشاهه 337ع ۾ مسيحيت کي قبول ڪيو هو. [16][17]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Meier, John P. (1991). A Marginal Jew: The roots of the problem and the person. Yale University Press. p. 407. ISBN 978-0-300-14018-7.
- ↑ Rahner 2004732.
- ↑ Sanders 199310–11.
- ↑ Finegan, Jack (1998). Handbook of Biblical Chronology, rev. ed. Hendrickson Publishers. p. 319. ISBN 978-1-56563-143-4.
- ↑ Brown, Raymond E. (1977). The birth of the Messiah: a commentary on the infancy narratives in Matthew and Luke. Doubleday. p. 513. ISBN 978-0-385-05907-7.
- ↑ Humphreys, Colin J.; Waddington, W. G. (1992). "The Jewish Calendar, a Lunar Eclipse and the Date of Christ's Crucifixion". Tyndale Bulletin 43 (2): 340. http://www.tyndalehouse.com/tynbul/library/TynBull_1992_43_2_06_Humphreys_DateChristsCrucifixion.pdf#page=9.
- ↑ Dunn 2003339.
- ↑ Ehrman 1999101.
- ↑ Crossan & Watts 199996.
- ↑ Eddy & Boyd 2007173.
- ↑ Theissen & Merz 1998.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedVermes 1981
- ↑ McGrath 20064–6.
- ↑ Ehrman, Bart D. (2014). How Jesus became God: The Exaltation of a Jewish Preacher from Galilee. HarperOne. ISBN 978-0061778186.
- ↑ 15.0 15.1 15.2 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2019-11-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. (ڪتاب:موسیٰ کان مارڪس تائين؛ ليکڪ:سبط حسن)
- ↑ انسانيت جي تعمير (مولانا وحيد الدين خان / خالد ڀٽي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-13
- ↑ ڪتاب: انسانيت جي تعمير، مولانا وحيد الدين خان
حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref>
آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/>
نہ مليو